اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا گهرو وزير کي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ ترميم ڪرڻ جا ??ختيار ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. سي ڊي اي چيئرمين ڪابينا کي مارگلا روڊ اسلام آباد تي قب??ن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي. دفاع واري وزارت ان ڏس ۾ ڪابينا جي هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي. ڪابينا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي سمورن ملازمن تي پاڪستان ايسينشل سروسز مينٽيننس ايڪٽ 1952ع لاڳو ڪرڻ جي وڌيڪ 6 مهينن جي لاءِ ??نظ??ري ڏني.