اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جو ??يانيو جمهوري نه آهي، 2018ع جي چونڊن جي شفافيت جو ??عتراف عالمي ا??ارن به ڪيو، ڇا مخالف ڌر چونڊ ڌانڌلي جو معاملو اليڪشن ڪميشن، سپريم ڪورٽ يا پارليامينٽ ۾ اٿاريو، توهان وٽ ڌانڌلي جا ثبوت ڪهڙا آهن، اسان جي تحريڪ ۽ انهن جي تحريڪ ۾ فرق اهو آهي ته اسان هر جمهوري فورم کي ا??تعمال ڪيو ۽ هي هر غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم جي صدارت اهڙو شخص ڪري رهيو آهي جنهن جي پنهنجي گهر ۾ عزت نه آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي خلاف ڪرپشن ڪيسز جي باري ۾ جواب ڏيڻ بدران ڌمڪين تي لهي آيو آهي، حق ۽ سچ جو ??واز بلند ڪندڙن کي پارٽي مان ڪڍڻ ڪهڙي جمهوريت آهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي پارٽي ۾ غير ضروري ٿي ويو آهي، پي ڊي ايم ته ائين ئي دم ٽوڙي چڪي آهي، ذاتي مفادن جي لاءِ مدرسن جي ٻارن کي ا??تعمال ڪيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وا??ي وفاقي وزير علي امين گنڊا پور سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.