اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پوري گلگت بلتستان کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ جي ميگا پ??اج??ڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي ??حت گلگت بلتستان جي سمورن شهري ۽ ٻهراڙي علائقن جي ماسٽر پلان تحت نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، گهرن جا ن??شا ۽ انهن جي جاءِ، گهٽين جو نظام، پاڻي جي نيڪاسي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ مختلف هنڌن تي سياحن جي سهولت لاءِ بنيادي ضرورتن جي فراهمي ج?? منصوبا شامل آهن.