اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 47 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 745 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪ??يج?? جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذ??يل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 ??ا 35 هزار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 535، پنجاب ۾ 15 هزار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 543، اسلام آباد ۾ 5 هزار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 هزار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 327 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 916 آهي.