اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آمدني واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرمي?? جي فروغ سان شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هائوسنگ ۽ تعميراتي جي منظور ٿيل ۽ غو?? هيٺ منصوب?? جي ڪل معاشي سرگرمي جو ڪاٿو 2.07 ٽريلين ر??يا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪش?? جي ڪل 307 منصوبن ۾ 39.83 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي منظوري ڏني وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملين مربع فٽ زمين تي تعمير جي 526 منصوب?? جي منظوري جو عمل غو?? هيٺ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين منظور ٿيل منصوب?? جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپي?? جي معاشي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غو?? هيٺ منصوب?? جي منظوري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريلين ر??ي?? جي معاشي سرگرمي پيدا ٿيندي، انهن منصوب?? جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪرين جا موقعا ملندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل ڊي اي پاران 11.03 ملين مربع فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 منصوب?? جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 700 منصوبا منظوري جي لاءِ غو?? هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران 4.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 منصوب?? جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 51 منصوبا غو?? هيٺ آهن. سي ڊي اي پاران 12.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي 121 منصوب?? جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملين مربع فٽ تعميرات جا 142 منصوبا منظوري جي لاءِ غو?? هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 9.1 ملين مربع فٽ جي 33 منصوب?? جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملين مربع فٽ جا 269 منصوبا منظورين جا منتظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ منظوري?? جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته تعميراتي سرگرمي?? جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ٿيندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته وڏي عرصي کان منظورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي منصوبن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذميوار?? جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.