اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ سياحت، وڻن ۽ زراعت جي شعبي ۾ انقلاب اچي رهيو آ??ي، اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ جا وسيع موقعا آهن، اسان جي بلند پهاڙن ۽ گليشيئرز جو سوئيٽزرلينڊ به ??قابلو نه ٿو ڪري سگ??ي، سياحتي علائقن جي زوننگ سان گڏوگڏ بائي لاز به ??اهڻا پوندا، سياحت سان ملڪ جي آمدني وڌندي، مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لا??ِ پراڻن طريقن بدران جديد ٽيڪنالاجي تي وڃڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پشاور دره آدم خيل روڊ جي بحالي ۽ بهتري ۽ چترال شندور رستي جي بحالي ۽ توسيع جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ??ار?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.