اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت غريب طبقي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، سياسي مافياز، ڪارٽيلز ۽ ڪرپٽ سسٽم مان فائدو کڻندڙ سڀئي اس??ن جي خلاف بيٺل آهن پر اها جنگ اس??ن کٽينداسين ۽ هن ملڪ ۾ قانون جي بالادستي قائم ڪنداسين ۽ انصاف جو ??ظا?? آڻينداسين، پي ٽي آءِ پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا اهي ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ناهن کنيا، پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، آبادگار خوشحال ٿيا آهن، تعميرات جو شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، رڳو سياحت کي صحيح ڪري اس??ن پنهنجا قرض واپس ڪري سگهون ٿا، گذريل 10 سالن ۾ ٻن پارٽين جي ڪري پاڪستان جا قرض چار ڀيرا وڌي ويا?? چونڊ سڌارا آڻينداسين ته جيئن اڳتي ڪير ڌانڌلي جو الزام نه هڻي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 25 هين يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سياست ۾ هڪ مقصد تحت وجود ۾ آئي هئي، اس???? سمجهندا هئاسين ته ڪرپشن هن ملڪ کي تباهه ڪري رهي آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي ڪرپشن کي قومي ايشو طور سامهون آندو. وزيراعظم چيو ته قومون جنگين ۽ وسيلن جي کوٽ سان تباهه نه ٿيون ٿين پر ڪرپشن سان تباهه ٿين ٿيون ۽ ڪرپشن به اها نه جيڪا تپيدار، ٿاڻيدار ۽ هيٺيون طبقو ڪري ٿو پر جڏهن حڪمران ڪرپشن ڪن ٿا ته قوم مقروض ٿي تباهه ٿي وڃي ٿي. سموري اس??ندڙ دنيا جي اها ئي ڪهاڻي آهي، ڪرپٽ حڪمران ملڪ جو پئسو مني لانڊرنگ ذريعي چوري ڪري ٻاهر کڻي وڃن ٿا، اس??ن طاقتور ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي قانون جي هيٺ آڻڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ ٺاهي.