اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ب??طانوي ها??ِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات تمام گهڻي بهترين رهي، اهو ٻڏائين??ي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ب??طانوي ڪرڪيٽ ٽيم 16 سالن کانپوءِ ٻيهر هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ پاڪستان جي دوري تي اچي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ايندڙ سال ڪرڪيٽ ٽيسٽ سيريز سان ڀريل هوندو. هن چيو ته سريلنڪن ٽيم تي حملي کانپوءِ اسان گهڻو ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي.