اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا ??اب?? دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو عرب پارليامينٽ جي صدر عادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر اسلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ڪري پ??ڪس??اني عوام جو عرب ملڪن جي عوام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پ??ڪس??ان وچ اوڀر جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي پاليسي جيو سياست کان جيو اقتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان جي نئين پاليسي ترقي جي لاءِ حصيداري، سماجي اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي قائم آهي. صدر چيو ته پ??ڪس??ان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر عارف علوي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پ??ڪس??ان پاران کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر عرب پارليامينٽ جي صدر کي ڀارتي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي حڪومت جي جابراڻي پاليسين ??اب?? پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو آهي. هن فلسطين مسئلي تي پ??ڪس??ان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته پ??ڪس??ان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر چيو ته پ??ڪس??ان عرب دنيا جي لاءِ اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلامي دنيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پ??ڪس??ان ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عرب پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پ??ڪس??ان جي موقف جي حمايت ڪئي. عرب پارليامينٽ جي صدر پ??ڪس??ان جي حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.