اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي ناروي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ن??روي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس هتي ملاقات ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جي گڏيل مفاد لاءِ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا امڪان موجود ??هن، ناروي سيڙپڪاري، واپار ۽ ترقياتي تعاون لاءِ پاڪستان جو مضبوط حصيدار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ ن??روي جي ڪمپنين جي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وڌندڙ واپاري لاڳاپن جو چٽو ثبوت آهي. سکر ۾ سولر پلانٽ جي تعمير جي لاءِ نظام انرجي ۽ نارويجن اسڪيٽڪ سولر جي وچ ۾ سهڪار مثبت اڳڀرائي آهي. منصوبي سان ناروي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جو ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ملندي. صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ڀارتي ظلم تي به روشني وجهندي چيو ته عالمي برادري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي ان جو خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي واعدي تي عملدرآمد ڪرائي. صدر لاهور ۾ تاريخي ورثي جي بحالي ۽ تحفظ تي ناروي جي حڪو??ت جو ٿورو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ن??روي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڪيجل گنار ايرڪسن کي پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سمورن شعبن ۾ سرڪاري سطح تي نجي شعبي ۾ رابطا قائم ڪري خاص طور تي معيشت ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.