اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان سان چين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير وزي??اع??م عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزي??اع??م لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزي??اع??م چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ا?? دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزي??اع??م عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزي??اع??م پاڪستان جي ا?? عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.