اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو مقصد قيمتن ۾ ا??اف?? جو بار گهٽ کان گهٽ عوام تائين منتقل ڪرڻ آهي، سمورن قدمن جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪ??ڻ آهي. هو ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته وزيراعظم عمران خان ضروري شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رکيون آهن، هن ٻڌايو ته نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار جلاس اربع ڏينهن وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سطح تي 22 ڪروڙ عوام جي روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ سين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو. قيمتن کي ڪيئن عوام جي پهچ تائين رکون ان حوالي سان ان پليٽ فارم تان فيصلا سازي ٿيندي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي عام ۽ محدود وسيلن وارن م??ڻهن جو احساس آهي، موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو محور ۽ مرڪز عام ماڻهو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪووڊ جي دوران حالتون م??مول تي نه آهن، پوري دنيا کي قيمتن ۾ ا??اف?? درپيش آهي، شين جي پهچ لاءِ شپمنٽ ۾ بي شمار ا??اف?? ٿيو آهي.