اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انصاف جي فراهمي جي منشور تي قائم ٿي آهي، ڪو به معاشرو سماجي ۽ معاشي انصاف کي قائم ڪرڻ کانسواٰءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي سڀ کان بهترين نمونو جنهن جي پيروي ڪئي وڃي اهو نبي آخ?? الزام حضرت محمد ﷺ جي سيرت آهي ۽ موجوده تعليمي نصاب ۾ ان کي ??امل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي ??سلام جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي تربيت ڏئي سگهجي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن بابت عالمي ريسرچ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ”مسلم دنيا ۾ جمهوري تبديلي، چ??لي??جز ۽ موقعا“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي ??طاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ مذهبي معاملن بابت ڪا به قانونسازي ڪرڻ کان پهرين اسلامڪ آئيڊيالاجي ڪائونسل کان ان تي راءِ وٺندي آهي، هن ان سلسلي ۾ اسلامڪ آئيڊيالوجي ڪائونسل جي مثبت ڪردار کي ??اراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي تخليق ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي نظرياتي جدوجهد جو نتيجو آهي،
هن چيو ته پاڪستان جي بانين علامه محمد اقبال ?? قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي ملڪ جي لاءِ جدوجهد ڪئي جتي سڀني کي ??رابر حق حاصل هجن ۽ هر شخص پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته اسلام امن، هم آهنگي ۽ برابري جو درس ڏي ٿو، انتهاپسندي ۽ امتيازي سلوڪ جي نفي ڪري ٿو، اولهندي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي چ??لي??ج جو ذڪر ڪندي هن اسلام جي امن جي پيغام کي ??نيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته افغانستان اسان جو ڀائر اسلامي پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان سدائين هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو خ??اه??مند رهيو آهي، هن چيو ته ضرورت جي ان وقت ۾ اسان پنهنجي افغان ڀائرن جي مدد جاري رکنداسين، ان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.