اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ ??ي تعليمات تي عمل ڪاميابي جي ڪنجي آهي. عيد ميلاد النبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته حضور نبي آخر الزمان ﷺ جي زندگي هر مسلمان جي لاءِ رول ماڊل آهي ۽ ان ??ي تعليمات تي عملدرآمد دني?? ۽ ??خرت جي ڪنجي آهي. هن چيو ته 12 ربيع الاول جو ڏينهن مسلمانن لاءِ هڪ خصوصي ڏينهن آهي ڇو ته ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ دنيا تي تشريف آندي. شاهيره شاهد چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي ٻڌائڻ گهر??ي ته اسلام ??ي تبليغ جي دوران حضور نبي ڪريم ﷺ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ ان جي طر?? زندگي ڪهڙي هئي. هن چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن کي ٻڌايون ته حضرت محمد ﷺ ??ي تعليمات تي عملدرآ??د ڪري اسان پنهنجي زندگين ۾ ڪيئن بهتري آڻي سگهون ٿا، هن چيو ته نبي آخر الزمان ﷺ ??ي تعليمات کي سڄو سال ياد رکڻ گهرجي ۽ ان تي عملدرآ??د ڪرڻ گهرجي.