اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي صدر گوٽابايا راجا پاڪسي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سيالڪوٽ ۾ پريانٿا ديا وادنا جي ڪڌي قتل تي قوم ۾ موجود ڏک ۽ ندامت کان آگاهه ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هن سريلنڪن ص??ر گوٽابايا راجا پاڪسي سان گڏيل عرب اماراتن ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس آ??اهه ڪيو ته سئ?? کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ اهو يقين ڏياريو ته انهن کي قانون تحت سختي سان منهن ڏنو ويندو.