اسلام آبا?? – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي، واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن ٻطرفا لاڳاپ?? وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر جي ملاقات دوران طئي ٿيو. ملاقات دوران پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يرداڪل به موجود هو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻو پوندو، صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان قبرص تي ترڪي جي حمايت ج??ري رکندو، صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ج??ري انساني حقن جي خلاف ورزين، مسلمانن جي نسل ڪشي ۾ ڀارتي ڪردار تي به روشني وڌي. صدر سدائين پاڪستان جي حمايت ڪرڻ خاص طور تي ڪشمير تڪرار تي ترڪي جو ٿورو ادا ڪيو. ملاقات دوران ڌرين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان ۾ امن سان عوام جي خوشحالي لاءِ گڏوگڏ علائقائي واپار ۽ رابطن کي فروغ ملندو. ترڪ چيف آف جنرل اسٽاف جنرل ياسر گلر يوم پاڪستان پريڊ جي ڪامياب انعقاد تي صدر کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪي هر پليٽ فارم تي پاڪستان جي حمايت ج??ري رکندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپ?? وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي نئين نسل ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندي.