اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ??رڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ في??لو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئ?? ته 30 ڏينهن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ??ري. صدر پنهنجي في??لي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک روپين جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ??يا هئا، صدر اهو في??لو پاليسي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي انشورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي انشورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف انشورنس مان پاليسي حاصل ڪئ?? ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ??يا، پاليسي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئ?? ته انشورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ??يل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ت?? وفاقي انشورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ??يل رقم واپس ڪرڻ انصاف جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ في??لو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئ?? ته 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئ?? وڃي.