اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستا?? کي الله تعاليٰ جن وسيلن سان نوازيو آهي انه?? کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال آڻيون ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، زرخيز زمين ۽ پاڻي جي فراهمي جي باوجود به اسان جي زرعي پيداوار ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ تمام گهٽ آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي صرف پيداور ۾ اضافو ڪري و??ون ته ملڪ جي معيشت وڏي حد تائين مستحڪم ٿي و??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستان سان تعلق رکندڙ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.