اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومتي اقتصادي ٽيم مڪمل هم آهنگي سان پنهنجون ذم??واريون سرانجا?? ڏئي رهي آهي، پوري ٽيم کي وزيراعظم عمران خان جو ڀرپور اعتماد حاصل آهي، پاڻ ۾ اختلافن جون خبرون بي بنياد، گمراهه ڪن??ڙ ۽ مفاد پرستن جي خواهش تي ٻڌل آهن.