اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ڪشمير کي پاڪستان جو دفاعي حصار قرارڏيندي چيو آهي ته عالمي برادري جي ضمير کي جنجهوڙڻ جي لاءِ هر سال وانگر پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام اڄ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي، وفاقي گادي واري شهر ۾ عورتون ۽ ٻار والار??ل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي گڏيل قومن جي آفيس ۾ قرارداد جمع ڪرائيندا. هو پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا ??ي بريفنگ ڏئي رهي هئي. خاص مددگار ڊ??ڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪشميرين جي طاقتور آواز ۽ حقن ??ي جدوجهد کي سڄي دنيا تائين پهچائڻ جي لاءِ اڄ اربع ڏينهن مختلف پروگرام جوڙيا ويا آهن.