اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته عال??ي برادري کي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، گڏيل قومن جي مبصر گروپ، عالمي مبصرن ۽ ميڊيا کي والاريل ڪشمير تائين پهچ هجڻ گهرجي، مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتري?? جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ??ند?? چئي.