اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن جو مقصد نوجوانن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي ته جيئن هو آزاداڻي طور تي ڪم ڪري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم عمران خان ملٽي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز ڪمپني وي آن (VEON) جي چيف آپ??يشنز ??فيسر سرگي هيريرو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ??يو. جاز پاڪستان وي آن جي ذيلي ڪمپني آهي.