اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن و??ري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبي?? بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب حبي?? بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان علي الانا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ه??ائ?? تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبي?? بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن و??ري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.