پشاور – 20 – جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کلي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکار??و وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽي?? جي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن پر لاڳاپ?? جي ڪري انهن ملڪن جا نالا نٿو وٺي سگهان. ڏکڻ وزيرستان وانا ۾ صحاف??ن سان ڳالهائيندي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس کڻڻ تي مخالف ڌر جو ٿورائتو آهيان، اهو سڀ سامهون اچڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر پارٽي?? جي فنڊنگ ڪٿان کان ٿيندي رهي، ڪيترائي ملڪ مخالف ڌر پارٽين کي پئسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان لاڳاپ?? جي ڪري آئون نالا نٿو ٻڌائي سگهان، هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کلي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکار??و وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ان ڪيس سان سڄي قوم کي ??بر پوندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ ٺيڪ طريقي سان پئسو گڏ ڪيو.