اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته سرڪار?? ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهڙ?? ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪار?? ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين سان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر ش??لي فراز گاڏي مان لهڻ کانپوءِ تحمل سان مظاهرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاق?? ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، وزيراعظم ع??را?? خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغاز ڪيو ۽ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ڪيا پر سرڪار?? ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.