اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ڊسڪا فائرنگ واقعي ۾ ڪارڪنن جي ق??متي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو ثبوت آهي ته (ن) ل??گ ڌوئونس، ڌانڌلي، تشدد ۽ غنده گ??دي جي سياست تي يقين رکي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ليگي جٿن پولنگ اسٽيشنن کي يرغمال بڻائي ووٽ جي عزت کي پائمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف چونڊن ۾ شفافيت جڏهن ته مخال?? ڌر خريد ۽ وڪري ۽ پئسي جي سياست جو تسلسل چاهي ٿي.