اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سدائين پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿيندي رهي آهي، ملڪ تاريخ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، پئسي، اثررسوخ ۽ ڌوئنس جو ڪلچر تبديل ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وٽ موقعو آهي، اها سينيٽ اليڪشن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران قانون جي حمايت ڪري، پئسي جي زور تي سينيٽ ۾ ايندڙ عوام جو نه پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. سينيٽ جي اجلاس ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت رٿ تي بحث دوران ڳالهائيندي هن چيو ته ان معاملي جو هڪ قانوني ۽ ٻيو اخلاقي رخ آهي، اهو معاملو عدالت ۾ به ٻڌڻي هيٺ آهي، ڏک ان ڳالهه جو آهي ته هي ايوان جيڪو مٿيون ايوان آهي ۽ هتي ماضي ۾ سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان جيڪي سوال ڪيا ويندا رهيا آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ لازم ملزوم بڻجي وئي هئي، مخالف ڌر ميمبرن ان بابت هڪ لفظ تائين نه چيو. هن چيو ته جمهوريت ۽ جمهوريت جي طاقت پارليامينٽ هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙن ادارن ۽ خاص طور تي سينيٽ جي اليڪشن کي تڪراري بڻايو وڃي ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان اهڙو ڪهڙو قدم کڻي سگهون ٿا جو هن ايوان جو تقدس بحال رهي. سينيٽ جون چونڊون سدائين تڪراري رهيون آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي جي لعنت کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خان سدائين ان ڳالهه جو داعي رهيو آهي ته هن ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن نقصان پهچايو آهي. عالمي دنيا ۾ جن ملڪن ۽ جمهوريتن ۾ ڪرپشن آهي اهي سڀ کان پٺتي آهن ۽ اهي ملڪ جتي جمهوريت مضبوط آهي ۽ اقتصادي ترقي آهي، اتي قانون جي حڪمراني اهو بنيادي جز آهي ج??هن تي اهي عمل ڪن ٿا. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جو اهو ڪلچر بڻجي ويو آهي ته ڪرپشن کي ڪرپشن ئي نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ اڄ ان ڳالهه جو هتي به احساس ٿيو آهي ته ڪ??هن ذڪر تائين ناهي ڪيو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڏيتي ليتي ۽ هارس ٽريڊنگ ٿئي ??ي ۽ ڪهڙي طريقي سان ختم ڪئي وڃي ۽ ان بدران قانوني بحث ۾ الجهايو وڃي ٿو ته جيئن عوام اهو نه سمجهي سگهي ته هي رڳو قانوني معاملو آهي يا اخلاقي معاملو به آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اخلاقيات ۽ ا??هن قانونن تي جيڪي اسان جي زميني ح??يق??ن سان هڪ جهڙائي نه ٿا رکن، ان تي قانونسازي نه ٿي ڪري سگهجي، اسان ڪهڙي اهڙ?? ڳالهه ڪري رهيا آهيون ج??هن تي مخالف ڌر کي اعتراض ٿي سگهي ٿو. مخالف ڌر پارٽين جن معاملن تي ميثاق جمهوريت تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي شق 23 بلڪل واضح آهي ان تي ا??هن صحيحون ڪيون آهن. ڪهڙو سبب آهي جو 10 سال ا??هن ٻنهي پارٽين جون حڪومتون رهيون آهن پر ا??هن ان تي عملدرآمد نه ڪيو. ڇا اهو واجبي دستاويز هو ۽ ان تي عملدرآمد ا??هن جو مقصد نه هو يا هڪ طرح جو اقتدار ورهائڻ جو معاهدو هو. جيڪڏهن اهڙ?? ڳالهه آهي ته پوءِ مخالف ڌر کي انصاف مليو آهي، هاڻي ا??هن کي عدالت ۾ ان جي خلاف دليل ڏيڻ بدران ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي. شبلي فراز چيو ته ا??هن کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جيڪو ڪجهه چئي رهي آهي ته ڇا اهو اخلاقي طور تي صحيح آهي يا نه، ڇا اها ح??يق?? نه آهي ته ملڪ ۾ سينيٽ جي اليڪشن ۾ خريد ۽ وڪرو ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهڙ?? ڳالهه نه آهي ته بيشڪ ان جي مخالفت ڪريو، قانون جي حڪمراني تمام اهم آهي پر ان سان گڏ اخلاقي رخ کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي، قانون ۾ اخلاقيات، عالمي اصول ۽ زميني ح??يق??ون سڀ شامل هوندا آهن.