ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي انقلاب لاءِ عورت?? جي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي فروغ تي زور ڏنو. هو گورنر هائوس ۾ پاڪستان ريلوي ۽ دي سٽيزن فائونڊيش?? جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي به موجود هئي جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن پاڪستان ريلوي جي ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ ڪراچي محمد حنيف گل، ٽي ??ي ايف جي جنرل مينيجر راحيله فاطمه شڪيل، انصاف ڪميونٽي ??وسائٽي ??ي صدر زاهد اصغر شامل هئا. صدر خصوصي ٻارن کي تعليم فراهم ڪري انهن کي معاشي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڏنو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بنگلاديش عورت?? جي تعليم ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ ۽ معيشت کي پائيدار بڻائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهي طرح پاڪستان کي به پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ عورت?? جي تعليم ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.