اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي ڪري غريب ماڻ??ن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي، ??وا?? تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، حڪومتي سبسڊي جو شفاف ۽ موثر استعمال موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت ۾ معاشري جي مستحق ۽ غريب ماڻهن کي خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي خريداري ۾ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي تجويز ڪيل احساس فوڊ اسٽيمپ پرو??را?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سماجي تحف?? واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ڄاڻايل پرو??را?? جي مقصدن ۽ طريقيڪار جي حوالي سان بريفنگ ڏني، ان پرو??را?? تحت مستحق ماڻهن کي ضروري شين جي خريداري ۽ حڪومت پاران سڌي سنئين سبسڊي فراهم ڪئي ويندي، سڌي سنئين سبسڊي جي فراهمي سان مستحقين تائين حڪومتي امداد سڌي سنئين، شفاف طريقي ۽ فوري طور تي ميسر ايندي، ان پرو??را?? جو مقصد اڻ سڌي سبسڊي جي نظام کان سڌي سنئين مالي مدد جو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آهي، وزيراعظم کي پرو??را?? مان فائدو کڻندڙ خاندانن ۽ ماڻهن جي انگن اکرن ۽ شروعاتي ڪاٿو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تجويز ڪيل پرو??را?? کي ساراهيندي چيو ته حڪومت کي ملڪي معاشي حالتن جي باوجود غريب ماڻ??ن تي پوندڙ بار جو مڪمل احساس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته غريب ??وا?? تي مهانگائي جو بار گهٽ ڪيو وڃي، غريب ??وا?? کي ريليف پهچائڻ اسان جي ذميداري آهي، اسان کي پنهنجي ذميداري جو مڪمل احساس آهي ۽ اسان ان کي پورو ڪرڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.