اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته پاڪستان معصوم ۽ هٿين خالي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي تدارڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو جن ٻن هفتن کان بهادري سان اسرائيلي قابض فوج جي بنا اشتعال بمباري ۽ گولاباري کي مسلسل منهن ڏنو. وزيراعظم جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ ملهايل فلسطين سان يڪجهتي واري ڏينهن جي موقعي تي غير ملڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ پاڪستان موثر انداز ۾ هڪ مضبوط موقف اختيار ڪيو، دوست ملڪن جي حمايت حاصل ڪئي ۽ فلسطينن جي حالت تي حقيقي جذبن جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ان ڪوششن جا گه??بل نتيجا حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ سيز فائز جي صورت ۾ سامهون آيا آهن، جيڪي فلسطين جي عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ ان جي دوست ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي، هن چيو ته اسرائيلي فوج جي جارحيت تي پاڪستان جو رد عمل واضح هو جيڪو فوري طور تي عالمي برادري تي پهتو، جنهن ۾ زور ڏنو ويو ته فلسطينن جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي، ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، سعودي فرمانروا ۽ فلسطين ۽ ترڪي جي صدرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به فلسطين جي صورتحال تي سعودي عرب، مصر، فلسطين، ترڪي، افغانستان، چين، آمريڪا ۽ سو??ان جي پنهنجي هم منصبن سان رابطو ڪيو، چوڌري فواد ح??ين چيو ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ فلسطين جو معاملو پيش ڪيو جنهن ۾ اسرائيل جي وحشياڻن حملن ۽ منظوم ڏوهن جي مذمت لاءِ سخت ب??ان جاري ڪيو، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي اسرائيلي بربريت جي خلاف هڪ متفقه قرارداد منظور ڪئي جنهن ۾ فلسطينن جي ڪاز ۽ ان جي عوام جي جدوجهد جي حماي?? جو اظهار ڪيو، هن چيو ته معصوم فلسطينن تي اسرائيلي جارحيت ۽ خاص طور تي رمضان دوران دنيا ۾ مسلمانن جي مقدس مقام مسجد الاقصيٰ جو گهيراءُ انتهائي مذم?? جوڳو آهي، هن چيو ته اسرائيل پاران فلسطيني ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪرڻ تي افسوس آهي، هن چيو ته اهڙا حملا انساني قد??ن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن.