اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته صح?? ڪارڊ سميت پي ٽي آءِ جي هر منصوبي جي آغاز تي (ن) ليگي ترجمانن جي دعوائن کي ڏسي اهو ممڪن آهي ته اهي سڀاڻي ان طرح جي دعويٰ به شروع ڪندا ته بلب جي ايجاد به ٿامس ايڊيسن نه پر نواز شريف جاتي عمرا ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ويهي ڪئي هئي جنهن جي ڪري سندس پليٽيليٽس به گهٽ??ي و??ا. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سينيما ۾ پهريون پروجيڪٽيڊ فلم جو سهرو به شهباز شريف جي سر آهي، جنهن ”چيلهه ۾ تڪليف“ جي باوجود اهو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. شريف ڀائرن جنهن ”شرافت“ سان ملڪي خزاني تي هٿ صاف ڪيا، ادارن کي درٻاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارليامينٽ کي مغليه رنگ ڏنو، انهن سان اهو ئي ڪجهه منسوب ٿي سگهي ٿو