اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي شهر فيصل آباد ۽ چين جي شهر چنگ دائو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدو طئي ٿي ويو آهي، ٻنهي مل??ن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. جمعي تي ان حوالي سان تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، پاڪستا?? ۾ ??ين جي سفير نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، چين جي شهر چنگ دائو جي ميئر زائوهائوزي ۽ فيصل آباد جو ڪمشنر شريڪ ٿيا. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ين جي سفير نونگ رونگ، چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق، سسٽر سٽي جو ميئر، ٻنهي مل??ن جي عملدارن کي ان تقريب ۾ شرڪت تي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو (سي پيڪ) فليگ شپ منصوبو آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي چين سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته ٻنهي مل??ن جي سسٽر سٽيز جي وچ ۾ معاهدي سان صنعتي تعاون، ٻنهي مل??ن جي عوام جي وچ ۾ تعاون، بزنس ٽو بزنس تعاون، ڪلچر ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون ٿيندو. هن چيو ته منهنجي دعوت تي چين جي اڳوڻي سفير ياهو جنگ فيصل آباد جي ٻن ڏينهن جي دوري ۾ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، زرعي يونيورسٽي جو دورو ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو بڻيو جنهن جو مقصد ٻه طرفي تعاون کي يقيني بڻائڻ آهي، انهي دوري جي دوران منهنجي درخواست تي سسٽر سٽي معاهدي تي ڪم جو آغاز ٿ??و ۽ موجوده چيني سفير نونگ رونگ ان منصوبي کي عمل جامو پارايو، هن چيو ته فيصل آباد صنعتي شهر ??هي جتي بهترين روڊ انفرااسٽرڪچر، زرعي زمين ۽ علامه اقبال اقتصادي زون آهي، فيصل آباد شهر سان سسٽر سٽي معاهدي تي پاڪستان ۽ چين ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير، ميئر ۽ ميونسپلي عملدارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا.