اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن، دنيا کي ماحوليات جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪ??و قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو، 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي ويندي، 2023ع تائين اٽل ه?? ارب تمر جا وڻ لڳائڻ جو هدف آهي، تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. دنيا جا 10 سيڪڙو ملڪ 80 سيڪڙو ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن. بدقسمتي سان پاڪستان ماحولياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل ??هي. پاڪستان ۾ گذريل 10 سالن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سخت موسمياتي تقدرتي آفتون آيون آهن جنهن سان 3.8 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ??هي. هن چيو ته حڪومت موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي ??هي. 2030ع تائين پاڪستان 60 سيڪ??و قابل تجديد توانائي تي منتقل ٿي ويندو. 30 سيڪڙو ٽرانسپورٽ اليڪٽريڪل وهيڪل تي منتقل ٿي ويندي. هن چيو ته اسان 24 سئو ميگاواٽ جي ڪوئلي جي منصوبن کي ختم ڪيو آهي ۽ انهن جي جڳهه تي 37 سئو ميگاواٽ پن بجلي جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، هاني ملڪ ۾ ڪوئلي سان بجلي ٺاهڻ جو ڪو نئون منصوبو شروع نه ڪيو ويندو. اسان فطرت تي ٻڌل هل تي ڌيان ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي مينگروز پوکيا پيا وڃن، 2023ع تائين اٽڪل ه?? ارب مينگروز جا وڻ لڳايا ويندا. تمر جا وڻ سڀ کان وڌيڪ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪورونا وبا دوران اسان نيشنل پارڪس ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ??هي. ماحوليات جي تحفظ بابت 85 هزار نوڪريون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته ايندڙ سا?? 2 لک نوڪرين جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. عمران خان چيو ته اسان بنجر زمينن کي آباد ڪري رهيا آهيون. زمين هيٺ پاڻي جي سطح ۾ بهتري جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو ماحولياتي تبديلين کان تحفظ جي لاءِ 44 سيڪڙو سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي جنهن کي عالمي بئنڪ ساراهيو آهي ۽ پاڪستان کي ان حوالي سان سيڙپڪاري ڪرڻ وارو نمبر ون ملڪ قرار ڏنو آهي جنهن پنهنجي ترقياتي سيڙپڪاري ماحوليات طرف منتقل ڪئي ??هي. هن چيو ته هڪ گرين بانڊز آهي جنهن سان پن بجلي منصوبي جي لاءِ 5 سئو ملين ڊالر گڏ ڪيا. ٻيو بليو بانڊز آهي عالمي بئنڪ مينگروز جي ويليو ايشن ڪرير هيو آهي، انرجي ٽرانزيشن جو نظام جوڙيو ??هي. هن چيو ته انسانيت جو بحران درپيش ??هي. عالمي گرمي پد ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي، دنيا کي ماحوليات جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. موسمياتيت بديلين جي ڪري سڄي دنيا ۾ گليشيئر تيزي سان پگهڙجي رهيا آهن، اڄ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قدرتي آفتن جو سلسلو جاري ??هي. پاڪستان سميت هماليه جي ويجهو رهندڙ ملڪن کي سنگين خطرا درپيش آهن. گذريل سالن ۾ آسٽريليا، ڪيلي فورنيا سميت ٻين ملڪن ۾ غيرمتوقع ٻوڏ آئي ??هي.