اسلام آباد – 18 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي، اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي اهو سڀ ڪري رهيو آهي، الزام لڳائيندڙن جي بياني کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن جي ٻاه??ان ميڊيا سان ڳالهائيندي فرخ حبيب چ??و ته اڪبر ايس بابر چوندو هو ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي آهي ته ٻڌا??و ته اها ڪٿي آهي?? اڪبر ايس بابر چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ۽ سڀني کي گمراهه ڪيو آهي، رپورٽ جي صفحي نمبر 81 موجب اڪبر ايس بابر پنهنجي موقف جي حق ۾ ڪي به دستاويز پيش نه ڪري سگهيو. مريم صفدر به اليڪشن ڪميشن کان ٻاهر اچي چوندي آهي ته ڀارت ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي پر ان رپورٽ ۾ اهڙو ڪج??ه نه آهي، هن چ??و ته پاڪستان تحريڪ انصاف صاف ۽ شفاف طريقي سان هلي رهي آهي، پارٽي کي اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين سپورٽ ڪيو، الزام لڳائيندڙن کي اوورسيز پاڪستانين کان به معافي گهرڻ گهرجي جنهن جي دل آزاري ٿي آهي، فرخ حبيب چ??و ته آئون مريم صفدر ۽ بلاول زرداري کي چئلينج ڪريان ٿو ته هو به پنهنجي اڪائونٽس جا تفصيل سامهون آڻين، ڀون داس ۽ شجاعت عظيم جو عوام کي ٻڌائين ته اهي ڪير آهن، هن چ??و ته بلاول کي به 35 ڪروڙ جو حساب ڏيڻو آهي. هن چ??و ته اسان جي اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته جلد کان جلد اسڪروٽني ڪميٽي کي فعال ڪري ۽ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت باقي سمورين پارٽين جي فنڊنگ جو به حساب ٿيڻ گهرجي. فرخ حبيب چ??و ته مولانا فضل الرحمان جو به پتو پوڻ گهرجي ته هو ليبيا کان ڪهڙي چڪر ۾ فنڊنگ وٺي رهيو آهي، اطلاعات واري مملڪتي وزير چ??و ته صرف پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي آهي جنهن شفافيت کي نظر ۾ رکيو، هن چ??و ته برطانيه ۾ ن ليگ پرائيويٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽرڊ آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب ان معاملي کي حل ڪري، فرخ حبيب چ??و ته آئون اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن جلد کان جلد پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي جاچ ڪندو. هن چ??و ته والٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ جو جيڪو ذڪر ڪري رهيا آهن اهي پئسا به بئنڪ جي ذريعي آيا ان ۾ ڪا به شيءَ لڪائڻ واري نه آهي، هڪ دوستاڻو ڪرڪيٽ ميچ ٿيو اهو به پاڪستانين جي ??چ ۾ کيڏيو ويو، مملڪتي وزير چ??و ته اسڪروٽني ڪميٽي ۾ به ان حوالي سان ڪج??ه نه نڪتو.