اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل سال جي حل ٿيل 15 لک شڪايتن مان شهرين جي ٻيهر شڪايتن تي 2 لک 29 هزار شڪايت?? کي ٻيهر کولڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، شڪايت?? کي نظرثاني جي لاءِ مجاز اعليٰ آفيسرن جي حوالي ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته صوبائي سطح تي نظرثاني جي نگراني لاڳاپيل چيف سي??ريٽري ۽ آءِ جي ڪن ۽ وفاقي سطح تي لاڳاپيل وزارت جا سي??ريٽري شڪايتن تي نظرثاني جا ذميوار هوندا. وزيراعظم وفاقي ادارن جي ڪل هڪ لک 7 هزار شڪايت?? کي ٻيهر کولڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي جڏهن ته صوبائي سطح تي 80 هزار شڪايتون پنجاب حڪومت جي ماتحت ادارن جون آهن. وزيراعظم آفيس پاران اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت جي ماتحت ادارن جي 27 هزار شڪايت?? کي کوليو ويندو ۽ سنڌ صوبي جي 15 هزار، بلوچستان جي 3 هزار، آزاد ڪشمير جي 1100 شڪايتن تي نظرثاني ٿيندي، گلگت بلتستان ۾ 400 شڪايت?? کي ٻيهر کوليو ويندو، شڪايتون ميونسپل سروسز، بجلي ۽ گئس، مواصلات ۽ تعليم جي شعبي بابت آهن، وزيراعظم آفيس جي هدايت ۾ چيو ويو آهي ته شڪايتن تي نظرثاني ڪري لاڳاپيل اعليٰ آفيسر رپورٽ جمع ڪرائين.