اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان کي يورپي ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون ڪئي، پشاور ۾ مسجد تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي ڪائونسل جي صدر سان ڳالهائيندي وزي??اع??م عمران خان يوڪرين جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي جاري فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳال??ه تي زور ڏنو ته وڌيڪ ڇڪتاڻ خطي ۽ دنيا تي ا??تهائي منفي اثر ڇڏيندي. وزي??اع??م چيو ته هو اسرندڙ ملڪن تي تڪرارن جي منفي، معاشي اثرن کي مسلسل اجاگر ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو اهو اصولي موقف آهي ته هو رڳو امن جو حصيدار هوندو. وزي??اع??م جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ يوڪرين ۾ شهرين جي لاءِ انساني ا??داد جي ا??ميت تي پڻ زور ڏنو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جا روس ۽ يوڪرين سان دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ان جو ٻنهي ڌرين سان ويجهو رابطو رهيو آهي. وزي??اع??م اميد ظاهر ڪئي ته تڪرار کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳال??ه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جهڙا ملڪ انهن ڪوششن ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اهو ته ٻئي ڌريون گڏيل مقصدن کي ف??وغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکنديون. پاڪستان جي يورپي يونين سان لاڳاپن جي ا??ميت کي اجاگر ڪندي وزي??اع??م چيو ته هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقات لاءِ پنهنجي برسلز جي دوري جو منتظر آهي. هن صدر چارلس مشيل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.