اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي چيو آهي ته ??نڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهيان، سنڌ ه??ئو?? ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ميثاق جمهوريت جي روح جي منافي آهي، اڄ 90ع جي ڏهاڪي جي سياست کي ورجايو پيو وڃي، پارليامينٽ جي محافظن جي هٿان جيڪڏهن پارليامينٽ کي نقصان پهچي ته ??هو ئي چيو ويندو ته ??ن گهر کي باهه لڳي وئي گهر جي ڏيئي مان. ملڪي سياسي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هر ميمبر باوقار ماڻهن جو چونڊيل آهي ۽ هو پنهنجي ضمير موجب پنهنجو فيصلو ڪرڻ جو پابند آهي. ڪو فيصلو ڪرڻ کان پهرين انهن اميدن کي ذهن ۾ رکڻو پوندو ته ??يڪي تڪ جي عوام چونڊڻ کان پهرين توهان سان وابسته ڪيون. هن چيو ته ??ڄ 90ع جي ڏهاڪي جي سياست کي ورجايو پيو وڃي، انهي طرز سياست جي خلاف ميثاق جمهوريت آندو ويو هو پر سنڌ ه??ئو?? ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ميثاق جمهوريت جي روح جي منافي آهي. شاهه محمود ق??يشي چيو ته ??نڌ ۾ گورنر راڄ جي تجويز جي حق ۾ نه آهيان، هن چيو ته ??ڄ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پوليٽيڪل ڪميٽي جو اجلاس آهي، آئون ماضي جي تجربن جي رو??ني ۾ اتي به پنهنجو موقف پيش ڪندس، پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت هن وقت تائين ان مبينه ”حادثاتي ميزائل فائر“ جو تسلي بخش جواب ناهي ڏنو، افغانستان جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، يوڪرين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان معيشت تي وڌيڪ بار پوندو، انهن حالتن ۾ غير يقيين صورتحال پيد ڪرڻ، جمهوريت جي مفاد ۾ نه آهي نه ئي معيشت جي مفاد ۾ آهي نه ئي پاڪستان جي عوام جي مفاد ۾ آهي، اهي ماڻهو جيڪي اقتدار جو هوس لاءِ ملڪ ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن انهن کي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.