اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ۽ ڀارت جو غيرذميواراڻو رويو علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ ??ڏي رڪاوٽ آهي، يوڪرين جي تڪرار جو حل پائيدار ڳاله??ن ۽ سفارتڪاري جي ذريعي ضروري آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل چين جي پرڏيهي وزير ۽ اسٽيٽ قونصلر وانگ زي وزيراعظم عمران خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان وانگ زي جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي گذريل ڏينهن چائنا ايسٽرن فلائٽ جي حادثي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي ه??دردي جو اظهار ڪيو. چيني پرڏيهي وزير چين جي صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران وزيراعظم جي پرخلوص خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ چين پاڪستان جي وچ ۾ هر موسم ۾ تعاون ۽ حصيداري جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ۽ چيني پرڏيهي وزير پاڪ چين بطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار ۽ بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيجنگ سرمائي اولمپڪس افتتاحي تقريب جي لاءِ پنهنجي تازي چين جي دوري ۽ چيني قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جو ٻيو مرحلو صنعتي ترقي، زراعت ۽ آءِ ٽي جهڙن شعبن ۾ تعاون سان گڏوگڏ اقتصادي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي سگهه ڏيندو. هن چيني سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ پرڪشش موقعن مان فائدو کڻڻ جي پڻ آجيان ڪئي. ٻنهي ڌرين يوڪرين جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان جي پائيدار ڳاله??ن ۽ سفارتڪاري جي ذريعي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڀارت جي غيرقانوني قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورز??ن ۽ ان جي غيرذميواراڻي رويي کان آگاهه ڪيو جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي راهه ۾ ??ڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم ڀارت پاران پاڪستان جي حدن ۾ ميزائل جي نام نهاد حادثاتي فائر بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان پاران ان جي گڏيل جاچ جي مطالبي تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ان ڳال??ه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته ٻيهر ائين نه ٿئي. هن افغانستان ۾ امن ۽ افغانستان کي فروغ ڏيڻ ۽ اتي انساني بحران کي روڪڻ جي لاءِ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.