اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضر??رت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم ??ستحڪام جو واحد حل چونڊون آهن، اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪ??ي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن ??ي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته پاڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي ه??ي، هن چيو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن عدم ??عتماد طرف وڃون ٿا ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، هن چيو ته پاڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم ??ستحڪام جو واحد حل چونڊون آهن