اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ??ي نئين حڪومت جي فوري ترجيح ملڪ کي درپيش سنگين اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪا جي دور?? جي موقعي تي نيويارڪ ۾ دوست ملڪن جي سفيرن جي اجلاس کي خطا?? ڪندي ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان ??ي سفير منير اڪرم پاران ڏنل مانجهاندي کي خطا?? ڪندي ??ن چيو ته پاڪستان ??مورن ترقياتي حصيدارن ۽ ڀائر اسلامي ملڪن سان ??عاون کي مضبوط بڻائڻ جي ذريعي ان??ن چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي اميد رکي ٿو، مانجهاندي ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سعودي عرب، مراڪش، آذربائيجان، ايران، عمان، اٽلي، مالٽا، ايڪواڊور، مصر، انڊونيشيا، متحده عرب امارات ۽ ڪويت جا سفير به شامل هئا. پرڏيهي وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي حوالي سان پاڪستان ??ي پرڏيهي پاليس?? جي ترجيحن جو به خاڪو پيش ڪيو جنهن ۾ افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال، سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن کانسواءِ مهانگائي ۽ خوراڪ جي حفاظت، ڪووڊ – 19 جي وبا، معاشي صورتحال ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن.