اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ شگ?? ملن مان وڏي مقدار ۾ کنڊ خريد ڪندڙ غير رجسٽرڊ هول سيلرز، ڊيلرز ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي سڄي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهي هدايتون وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪمن جي خلاف ايف بي آر پاران داخل 25 هڪجهڙين درخواستن کي اڪلائيندي جاري ڪئي جنهن ۾ ايف بي آر کي هدايت ڪئي وئي ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي وڏي پئماني تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ته جيئن سيل ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائي سگهجي، ??ن چيو ته مشاهدي ۾ آيو آه?? ته وڏي مالياتي ڏي وٺ ڪرڻ، ايف بي آر سان پنهنجي ڊيٽا جي باوجود کنڊ جا اهي غير رجسٽرڊ خريدار گهڻو ڪري ٽيڪس نيٽ کان ٻ??هر رهيا ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي قومي ذميداري کان بچي رهيا آه??، هن ايف بي ار کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن کان سيلز ٽيڪس جي وصولي ڪئي وڃي، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس ناهن، ايف بي آ?? ملن کان ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطئمن آه??، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ??ن چيو ته ايف بي آر وٽ شگ?? ملن جي بئنڪ اڪائونٽس مان ڏي وٺ جا به تفصيل موجود آه??، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شگ?? ملن جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهي ٿي، ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ غفلت ۽ نااهلي بدانتطامي جي برابر آه??، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي پوري کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو 90 ڏينهن ۾ ٽيڪس محتسب کي عملدرآمد جي جامع رپورٽ پيش ڪري، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف 25 درخواستون رد ڪندي چيو ته ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻ??هر آه??، ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ??ن چيو ته کنڊ جا غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آه??، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته محتسب مختلف پرائيوٽ شگ?? ملن مان کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جو آغاز ڪيو هو، ان حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آه?? ته شگ?? ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هجڻ جي باوجود ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو. رپورٽ موجب ايف بي آر شگ?? ملن جي ڊِيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام ر??ي، محتسب ايف بي آر کي هدايت ڪئي هئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، جنهن تي ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي.