اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ انڊس اسپتال، گوادر ۾ 100 بسترن تي ٻڌل عالمي معيار جي اسپتال جي تعمير جي لاءِ مفاهمت جي يا??اش?? تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيا?? موجب گوادر ۾ عالمي معيار جي هي اسپتال مقامي ماڻه?? کي علاج جون معياري سهولتون فراهم ڪندي. اسپتال کي جلد مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ان جو انتظام انڊس اسپتال سنڀاليندي. اسپتال جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ گوادر جي ماڻه?? کي علاج جي لاءِ وڏن شهرن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.