اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت ??ي ترجمان زائ??لي جيان پاڪستان جي 75 هين ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان ??ي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خوا??شن جو اظهار ڪيو آهي. چيني حڪومت جي سرڪاري ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ”پاڪستان سالگرهه مبارڪ“ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي دعا به ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ به پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پاڪستان جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو مبارڪ، پاڪ چين دوستي زندهه آباد لکيو آهي.