اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم فلڊ ??يل??ف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين ڪمرشل بئنڪن ذريعي عطيو جمع ڪرائڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اندرون ۽ ٻاهرئين م??ڪ پاڪستاني عطيو ان اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب موجب برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي و??و آهي، سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ غيرمعمولي تباهي ٿي. هن چيو ته اچو اسان سڀ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جي مدد ڪريون. اسان سڀ انهن جو سهارو بڻجون. اطلاعات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اندرون ۽ ٻاهرئين م??ڪ سمورا پاڪستاني دل کولي عطيه جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، اهي عطيا اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ??يل??ف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا. عطيي ذريعي سمورا پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي سرڪيولر تحت سموريون ڪمرشل بئنڪُون ۽ انهن جون شاخون وزيراعظم فلڊ ??يل??ف فنڊ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪري سگهن ٿيون. ٻاهرئين م??ڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، مني ٽرانسفر آپريٽرز ۽ اي??سچ??نج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي سگهن ٿا. عطيو سمورين ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي سگهن ٿا. بئنڪ جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف ٽي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي سگهجن ٿا.