راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه خميس ڏينهن ڊي آءِ خان ۽ ر??جهان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، آرمي چيف متاثر?? کي خاطري ڪرائي ته م??ڪل جي هن وقت ?? ٻوڏ متاثرن جي مسئل?? کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مدد ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر مطابق روجهان دوري جي موقعي تي آرمي چيف پاڪ فوج جي زميني جٿ?? کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجون ذميواريون عظيم مقصد سمجهي ادا ڪن ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائي?? کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. بعد ۾ آرمي چيف ڊي آءِ خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي آرمي چيف کين تسلي ڏني ۽ هن قدرتي آفت دوران مقامي رهائيشن جي همت جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، ايف سي ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي جٿ?? کي هدايتون ڪيون ته هو ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ خيبرپختونخواهه جي بهادر ماڻهن جي وقت سر مدد کي يقيني بنائين.