اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا خوا??شم??د آهن، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فن لينڊ جي لاءِ پاڪستان جي اعزازي ڪائونسل جنرل ولي ايرولا جي قيادت هيٺ فن لينڊ سان تعلق رکندڙ ڪمپنيز جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ?? فن لينڊ – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ فن لينڊ جي ڪمپنين بائيو وائما، وارسلا ڪارپوريشن، والمٽ ٽي پي ايل ۽ ٽيڪنالاجيز، جي اي اينڊ م??ٽر?? ڪارپوريشن جا نمائندا شامل هئا. ??زي??اعظم چيو ته فن لينڊ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي ۽ موجوده حڪومت سمورن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ٿو ته منصوبن کي مڪل ڪرڻ جي عمل ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ، لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد پاڪستان ۾ توانائي خاص طور تي سولر انرجي، ونڊ انرجي، بائيو گئس، فوڊ پراسيسنگ ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي ??زي?? مفتاح اسماعيل، توانائي وارو وفاقي ??زي?? انجنيئر خرم دستگير، پ??ٽر??ليم وارو مملڪتي ??زي?? مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پاڪستان ?? فن لينڊ جو سفير هيني ريپاتي پڻ موجود هئا.