اسلام آ??اد- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) جتي هاڻوڪي سانوڻي جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ جي اُڀرندڙ صورتحال انسانيت کي بچائڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون ۽ سهڪار جي ضرورت آهي، اتي پاڪ فضائيه جي اهلڪارن ??انه بشانه پاڪ فضائيه جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن پڻ ٻوڏ متاثر علائقن جي پريشان حال ٻارن ۾ خوشيون ورهائڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت جاري امداد ڪاررواين ۾ حصو ورتو. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جي شاگرد?? آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن لاءِ چاڪليٽ، مٺايون ۽ اسٽ??شن??يءَ جو سامان خريد ڪيو ۽ـ ان مقصد لاءِ انفرادي طور تي عطيا گڏ ڪيا. ٻوڏ متاثرن ??لائقن جي ٻارن ۾ روزمره استعمال تي ٻڌل شين جا 17 هزار کان وڌيڪ پئڪيٽ ورهايا ويا، جنهن سان متاثر ٻارن ??ي چهرن ??ي مُسڪراهٽ واپس اچي وئي. پاڪ فضائيه طرفان اهي ڪوششون ان ڳالهه جي عڪاسي آهن ته پاڪ فضائيه قوم جي سڏ ڪرڻ تي هميشه لبيڪ چيو ۽ اهو ته پاڪ فضائيه قدرتي آفتن ۽ حادثن سبب متاثر ماڻهن جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۽ امدادي سرگرميون منعقد ڪرڻ ۾ هميشه اڳڀري رهي آهي.