اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري ديني عالم جامعه دار??لع??وم ڪراچي جي صدر مفتي رفيع عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علم?? خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته هن فقه، حديث ۽ تفسير جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علم?? خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.