اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ نئين چيف آف آ??مي اسٽاف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر سيد عاصم منير کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ ان جي چيف آف آ??مي اسٽاف طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. چيف آف آ??مي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر کين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آ??مي اسٽاف طور سندن ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.