اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن ت?? عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چ??ن دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزيراعظم پاڪست??ن جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪست??ن جو اعتماد جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪ??و ويندو. وزيراعظم ۽ چيني سفير تازي اعليٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ تعاون جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهدن ت?? عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪ??و ويو.